حڪيم محمد يوسف کتري

حڪيم محمد يوسف کتري

حڪيم محمد يوسف کتري

حڪيم محمد يوسف کتري: حڪيم محمد يوسف ولد محمد صالح کتري 1959ع ڌاري ماتليءَ ۾ جنم ورتو. سندس خاندان اصل ۾ ڪڇ جو رهاڪو هو، جيڪو اتان لڏي سيدپور ٽڪر ۾ اچي آباد ٿيو. حڪيم صاحب پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم ماتليءَ مان ورتي. جڏهن ته بي. اي مير غلام علي ڊگري ڪاليج ٽنڊي محمد خان مان ڪيائين. هن ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ڪئي ۽ ايل. ايل. بي جو امتحان حيدرآباد جي سٽي لا ڪاليج مان ڏنائين. هن 1979ع ۾ اعظم طبيه ڪاليج مان ’فاضل الطب والجراحت‘ جو ڪورس مڪمل ڪيو. گڏوگڏ خانه فرهنگ ايران مان فارسيءَ جي تعليم به ورتائين. هن ٽنڊي محمد خان ۾ لطيفي دواخاني جو بنياد وڌو. لطيفي طبي اڪيڊمي قائم ڪري طب جي موضوع تي 19 کن مفيد ڪتاب شايع ڪيا، جيڪي اڪثر سندس ترتيب ڏنل آهن، جن ۾: (1) قرابادين لطيفي (چار جلد (2) علم الدويه (چار جلد)، (3) ڪشته جـات حـسيـنـي، (4) مجـربات حسيني، (5) رموز حڪمت، (6) نم جا فائدا، (7) سـونـفـن جـا فـائـدا، (8) ڪيـنـسـر ۽ طب يوناني، (9) مفتاح النبض، (10) جوهر ماهر، (11) تاريـخ کـان اڳ جـو آدم، (12) رلـي رلـي جـهـان ڏٺم. (13) ٽنڊو محمد خان جي تاريخ جو تنقيدي جائزو اچي وڃن ٿا.
لطيفي طبي اڪيڊميءَ طرفان ماهوار رسالو ‘صحت سرير جي’ شايع ٿيندو رهي ٿو. ان کان سواءِ هن هڪ ادبي اخبار ’ڏات‘ به جاري ڪئي، جيڪا ڪافي سال هلي، پر مٿس هڪ ڪيس داخل ٿيڻ بعد اخبار کي بند ڪيو ويو. هن ٽنڊي محمد خان ۾ ڪيترا سال وڪالت به ڪئي. هي سٺو ليکڪ ۽ نقاد به آهي. هن لطيفيات جي موضوع تي ڪافي لکيو آهي. سندس مضمون ’لطيف ڊائجيسٽ‘، ’نئين زندگي‘، ’ڪينجهر ‘ ۽ ٻين مختلف رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.


لفظ حڪيم محمد يوسف کتريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو